پورٽ آف اسپين ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽن تي ٻڌل سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
ميچ جي چوٿين ڏينهن پاڪستاني بالرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ويسٽ انڊيز کي ٻي اننگز ۾ 117 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو. پاڪستان طرفان اسپنر ساجد خان ۽ علي عثمان 4، 4 وڪيٽون حاصل ڪري اهم ڪردار ادا ڪيو.
ويسٽ انڊيز چوٿين ڏينهن 103 رنسن تي 6 آئوٽ سان راند ٻيهر شروع ڪئي، پر باقي وڪيٽون رڳو 14 رنسن جي واڌ سان ڪري پيون، جڏهن ته زخمي اوپنر برينڊن ڪنگ ڪمر جي تڪليف سبب بيٽنگ لاءِ ميدان ۾ نه لهي سگهيو.
75 رنسن جي آسان هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. امام الحق 9 ۽ اذان اويس 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته عبدالله شفيق ۽ ڪپتان بابر اعظم 24، 24 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
هن ڪاميابي سان پاڪستان پرڏيهه ۾ لڳاتار 8 ٽيسٽ شڪستن جو سلسلو به ختم ڪري ڇڏيو. پاڪستان آخري ڀيرو 2023ع ۾ سريلنڪا کي سندس ئي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏني هئي.


