ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۾ خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال گروپن وچ ۾ اختلاف وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب خالد مقبول صديقي جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ميمبرن ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن بعد ميمبر هٿين پئجي ويا ۽ فائرنگ به ڪئي وئي.
جيو نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته بهادرآباد ۾ پارٽي اجلاس کانپوءِ اڳواڻن وچ ۾ اختلاف سامهون آيا، جنهن دوران ايم پي اي اعجاز الحق ۽ اڳواڻ ذاڪر سان ٻئي گروپ جا ڪارڪن ڳچي پئجي ويا. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته منگلا شرما ۽ سبين غوري سان پڻ بدتميزي ڪئي وئي.
هوڏانهن بهادرآباد ويجهو مڇريل ماڻهن هوائي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته ٻنهي گروپن جي ڪارڪنن هڪ ٻئي خلاف نعريبازي ۽ پٿراءُ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق جو چوڻ هو ته ٻئي گروپ طرفان شديد هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ سندن هڪ ڪارڪن زخمي ٿيو، جڏهن ته پٿراءُ سبب به ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا.
امين الحق دعويٰ ڪئي ته پارٽي آفيس اندر سخت ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ ڊي وي آر پڻ کڻي ويا آهن، هاڻي اهو معاملو وڌيڪ اهڙي ريت هلڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته سما ٽي وي جي ڪيمرامين کي به چماٽون هنيون ويون.


