سوات ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي سوات جي علائقي ڪبل ۾ پوليس اسٽيشن جي گيٽ ڀرسان ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ 6 پوليس اهلڪارن سميت 15 ڄڻا شهيد ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.خيبرپختونخوا پوليس موجب ابتدائي جاچ مان ثابت ٿيو آهي ته اهو آپگهاتي حملو هو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان آپگهاتي حملي آور جو مٿو هٿ آيو آهي، جڏهن ته ابتدائي شاهدن موجب حملي آور جي افغان شهري هجڻ جا اشارا مليا آهن.
آءِ جي آفيس جي جاري ڪيل بيان موجب واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڌماڪي جي نوعيت بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيو آهي.ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي سينٽرل اسپتال سوات منتقل ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ڪبل سوات ۾ خودڪش ڌماڪي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي ڪئي، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن لاڳاپيل اختيارين کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي به ڌماڪي جي مذمت ڪندي آءِ جي پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي. هن شهيد پوليس اهلڪارن ۽ شهرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ وڏيون قربانيون ڏئي رهي آهي ۽ امن دشمن عنصرن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو ته بهادر پوليس اهلڪارن پنهنجي جان قربان ڪري خودڪش بمبار کي ٿاڻي اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ٻين شهرين جون حياتيون بچايون. هن شهيد پوليس اهلڪارن جي قربانين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.


