Focus with Zardari

گهوٽڪي: سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 8 زخمي

1 Min Read

گهوٽڪي (جعفر شيخ) ٿاڻي ٻيلو ميرپور جي حدن ۾ ڳوٺ ڪيهر مرڻاس ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته زخمين ۾ عورتون پڻ شامل آهن. مارجي ويلن ۾ بلاول، وقار ۽ مختيار مرڻاس شامل آهن.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment