خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ لقمان ڀرسان روهڙي ڪينال وٽ ڪار حادثي جو شڪار ٿي ڪينال ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنڌرا واسي مشهور ڍولڪ نواز عامر ديوان ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
سازيندن موجب، هو وڏا مهيسر ۾ پروگرام تان واپسي دوران راڳي ساگر سنڌي کي گهر ڇڏي واپس اچي رهيا هئا ته ڪار جي ٽائي راڊ ٽٽڻ سبب گاڏي بي قابو ٿي روهڙي ڪينال ۾ ڪري پئي. ڪار ۾ ڪل 6 ڄڻا سوار هئا.
حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم پهچي وئي ۽ عامر ديوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو. زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي، جن جي حالت معمول موجب زخمي ٻڌائي پئي وڃي.


