خيرپور (رپورٽر) سولنگي ۽ جاگيراڻي برادرين وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي، فائرنگ ۾ هڪ ٻار زخمي ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته ڇڪتاڻ سبب ماڻهن پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ خاطر لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
علائقي واسين موجب ٻنهي ڌرين پاران مورچابندي ڪرڻ سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. سندن چوڻ آهي ته ڪوٽ پل واري علائقي ۾ پوليس جي موجودگي نه هئڻ برابر آهي، جنهن سبب ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جو خدشو آهي.
شهرين آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته تڪرار جو نوٽيس وٺي علائقي ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وڃي، ڇڪتاڻ ختم ڪرائي امن امان قائم ڪيو وڃي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.


