خيرپور ٺيڙهي قومي شاهراهه تي ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا سخت زخمي

1 Min Read

خيرپور/گمبٽ (نمائندا) ٺيڙهي قومي شاهراهه تي ڪراچي کان سکر ويندڙ ٽرالر سان پويان ايندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ناصر خان، شاهد علي ۽ دلبر خان سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ موقعي تي موجود ماڻهن زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

زخمين مان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment