خيرپور (رپورٽر) خيرپور ويجهو ڳاڙهي موري واري علائقي ۾ ميٽرڪ جي شاگردياڻي يسرا جوڻيجو مبينا زيادتي، نازيبا وڊيو ٺاهڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام هيٺ احتجاج ڪيو آهي.
متاثر شاگردياڻي الزام هنيو آهي ته برادري جي هڪ جوابدار فهد جوڻيجو هڪ عورت جي مدد سان کيس ورغلائي هڪ گهر ۾ گهرايو، جتي مبينا طور هٿيار جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو ۽ سندس نازيبا وڊيو ٺاهي وئي. سندس دعويٰ آهي ته ان کانپوءِ وڊيو وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي کيس لڳاتار 2 مهينا مبينا طور هراسان ۽ بليڪ ميل ڪيو ويو.
شاگردياڻي موجب خوف سبب هن شروعات ۾ پنهنجي مائٽن کي واقعي بابت نه ٻڌايو، بعد ۾ چاچي کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سندس الزام آهي ته هاڻي کيس اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب هن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي.
متاثر نياڻي جو وڌيڪ الزام آهي ته لاڳاپيل پوليس مبينا طور بااثر جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي ۽ سندس شڪايت تي ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، مبينا جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.


