Focus with Zardari

خيرپور: ناروڍورو ۾ سم نالو ٽٽي پيو، زهريلو پاڻي گهرن ۽ زمينن ۾ داخل

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) ايم پي اي هالار وساڻ ۽ ايم اين اي نفيسه شاهه جيلاني جي تڪ ڪوٽڏيجي جي علائقي ناروڍورو ۾ سم نالي جي کاٽي نه ٿيڻ سبب سم نالو ٽٽي پيو، جنهن جو زهريلو پاڻي زمينن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سم نالي جي بروقت کاٽي نه ٿيڻ سبب پاڻي نالي مان ٻاهر نڪري آيو، جنهن ڪري زرعي زمينن ۽ رهائشي علائقن کي نقصان پهچڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. رهواسين چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته پنهنجي تڪ جي عوام جي سار لهي سم نالي جي صفائي ۽ مرمت ڪرائي وڃي.

ٻئي طرف مقامي ماڻهن موجب اسڪارپ کاتي جا 95 سيڪڙو ٽيوب ويل بند يا ختم ٿي چڪا آهن، جنهن سبب پاڻي جي نيڪال جو نظام سخت متاثر آهي. رهواسين جو الزام آهي ته اسڪارپ کاتو تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته آفيسرن ۽ ملازمن جي غيرحاضري سبب مسئلا وڌي رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment