Focus with Zardari
اهم خبرون

خيرپور: پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ترقياتي اسڪيمن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام، اينٽي ڪرپشن پاران رڪارڊ طلب

1 Min Read

خيرپور: (رپورٽر) پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي خيرپور جي ترقياتي اسڪيمن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ جعلي اسڪيمن ذريعي قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جي شڪايت تي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي.

اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر جنرل آفيس پاران راڻيپور جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي ياد ڏياريندڙ خط جاري ڪري لاڳاپيل ترقياتي اسڪيمن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. شڪايت ۾ کاتي جي ايس ڊي او، ايڪسئين ۽ سرڪاري ٺيڪيدار انعام ڪانڌڙي تي مبينا ملي ڀڳت سان ڪرپشن ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.

اينٽي ڪرپشن پاران ADBP اسڪيم نمبر 3291 لاءِ 7 ڪروڙ، اسڪيم نمبر 1903 لاءِ 10 ڪروڙ ۽ اسڪيم نمبر 3389 لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي بجيٽ وارين اسڪيمن جو رڪارڊ گهريو ويو آهي.

طلب ڪيل رڪارڊ ۾ ٽينڊر، بجيٽ، ٺيڪيدارن جا تفصيل، ڪم جي شروعات ۽ پڄاڻيءَ جون تاريخون، مٽيريل ٽيسٽ رپورٽون، سائيٽ جون تصويرون ۽ بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل شامل آهن. الزامن بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ڌرين جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment