خيرپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل

1 Min Read

خيرپور(شڪيل جانوري) خيرپور ڀرسان ڪانهر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو.

خيرپور ڀرسان ڳوٺ عمر ڪانهر ۾ ڪانهر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ عبدالمجيد ڪانهر سخت زخمي ٿي پيو.

واقعي کان پوءِ زخمي نوجوان کي فوري طور سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي شروع ڪئي، جڏهن ته مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب واقعي جي سببن بابت جاچ جاري آهي، ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment