شڪارپور:مقتول هادي بخش شر جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

2 Min Read

شڪارپور(عتيق دڪڙ) هڪ مهينو اڳ قتل ٿيل هادي بخش شر جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي پوليس جي اعليٰ اختيارين کان جوابدارن جي بنادير گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

شڪارپور جي ڳوٺ رحيم داد شر ۾ هڪ مهينو اڳ قتل ٿيل هادي بخش شر جي وارثن ۽ برادري جي ماڻهن پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي شڪارپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ۾ جنت خاتون، عبدالرشيد شر، غلام فريد شر، عطاالله شر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ هادي بخش شر پنهنجي پٽ سان گڏ زمين تي فصل ڀرسان ٻڪريون چاري رهيو هو ته جوابدارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هادي بخش شر قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿي پيو.

هنن چيو ته واقعي جي ايف آءِ آر رستم ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، پر پوليس نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ باوجود بعد ۾ آزاد ڪري ڇڏيو.

وارثن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين قانون موجب سزا ڏني وڃي ۽ مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment