Focus with Zardari
اهم خبرون

خيرپور: ڀٽي چوڪ تي جهيڙي دوران فائرنگ، 13 ورهين جو واٽهڙو نينگر مارجي ويو

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ڀٽي چوڪ وٽ جاگيراڻي ۽ شر برادرين جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ رستي تان گذرندڙ 13 ورهين جو نينگر ريحان علي ولد علي گل سوهو مارجي ويو، جڏهن ته پرويز علي لنجواڻي زخمي ٿي پيو.

زخمي پرويز علي لنجواڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي. جهيڙي دوران راهگير نينگر جي فوت ٿيڻ سبب علائقي ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانئجي وئي.

پوليس موجب واقعي جي انڪوائري ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جهيڙي جا سبب معلوم ڪيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment