خيرپور (رپورٽر) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ رٽائرڊ فوجي رحمت الله ڪٽوهر مارجي ويو، جڏهن ته هڪ مبينا ڦورو پڻ مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ سهراب ڪٽوهر جي رهواسين موجب، جوابدار در محمد ڪٽوهر جي گهر مان اٺ چوري ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻن سندن پيڇو ڪيو، جنهن دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ رٽائرڊ فوجي رحمت الله ڪٽوهر مارجي ويو.
واقعي بعد مقتول جا وارث ۽ ڳوٺاڻا لاش کڻي ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو پهچي ويا، جتي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.
پوليس موجب، ڳوٺاڻن جي هٿان هڪ نامعلوم مبينا ڦورو پڻ مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. مظاهرين ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ته گرفتاريون ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو.


