Focus with Zardari

دهشتگردن سان مقابلي لاءِ پيپلز پارٽي تيار آهي، پي ٽي آءِ انڪار ڪيو: بلاول ڀٽو

3 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته پيپلز پارٽي تيار آهي. هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي تي دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جاري رهندي.

ڪراچيءَ ۾ سانحي ڪار ساز جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف افغانستان مان دهشتگردن کي پاڪستان آندو ۽ جيلن مان دهشتگردن کي آزاد ڪيو، جنهن جا نقصان اڄ ملڪ کي ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن.

هن چيو ته دهشتگرديءَ سبب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سندن مجبوري هئي. مولانا فضل الرحمان بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن کان انڪار نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري کيس گهرجي ته دهشتگردن جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪري.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق ۽ صوبن کي گڏجي دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ پاڪستاني جهنڊو لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ هٿياربند فوجون قربانيون ڏئي رهيون آهن ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جاري رهندي.

- Advertisement -

پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن واقعي دهشتگردي ۽ ايمرجنسيءَ جي خاتمي لاءِ سنجيده آهي ته اها حڪومت سان ڳالهين ۾ حصو وٺي. هن مولانا فضل الرحمان کي به دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

صوبن جي قيام بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽيءَ جو موقف واضح آهي ته نوان صوبا آئيني ۽ قانوني طريقي سان ٺهي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي اسيمبلي نئون صوبو ٺاهڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ آئيني طريقيڪار اختيار ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ به ان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو موجود آهي. بلاول موجب، صدر جي صحيح کانسواءِ صوبن بابت اهڙو عمل مڪمل نٿو ٿي سگهي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ شامل نه هجڻ باوجود پنهنجي منشور تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جڏهن ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي سندس احترام آهي.

Share This Article
Leave a Comment