خيرپور (رپورٽ: شڪيل جانوري): خيرپور جي مل ڪالوني جي ملاح چوڪ تي ٻارن جي معاملي تان ملاح برادري ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين کي فوري طور سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.
زخمي استاد ارشاد ملاح ۽ حفيظ ملاح الزام لڳايو آهي ته سندن 8 ورهين جي نياڻي فائزا کي ڪلهوڙا برادري سان تعلق رکندڙ هڪ دڪاندار مبينا طور غلط حرڪتن ذريعي حراسان ڪري رهيو هو، جنهن جي شڪايت نياڻي گهر اچي ڪئي.
هنن چيو ته معاملي بابت پڇا ڪرڻ تي ڌرين ۾ تڪرار ٿيو، جنهن دوران مٿن حملو ڪري کين زخمي ڪيو ويو.
متاثر ڌر مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ مبينا جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.


