دادو: پوليس موبائل اونڌي، ڊي ايس پي جو خانگي بورچي فوت، 6 اهلڪار زخمي

1 Min Read

دادو (رپورٽر) دادو ڀرسان دواٻو لنڪ روڊ تي پوليس موبائل اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ صابر شاهاڻي طور ٿي آهي، جيڪو پوليس ذريعن موجب ڊي ايس پي جو خانگي بورچي ٻڌايو پيو وڃي.

زخمين ۾ لعل بخش گوپانگ، يوسف ڀٽو، ماجد قمبراڻي، سڪندر منگنهار، شيراز نائچ ۽ احسان شاهاڻي شامل آهن.

فوت ٿيل شخص ۽ زخمي اهلڪارن کي علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو.

پوليس ذريعن موجب اهلڪار هڪ شڪي ڪار جو پيڇو ڪري رهيا هئا ته رستي ۾ پوليس موبائل اونڌي ٿي وئي، جنهن سبب حادثو پيش آيو.

Share This Article
Leave a Comment