دبئي ۾ ڪرنسي ايڪسچينج مان ڦر ڪندڙ جوابدار 10 منٽن اندر سوگها

1 Min Read

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) دبئي پوليس ڊيره واري علائقي ۾ ڪرنسي ايڪسچينج مان هڪ ڪروڙ درهم ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ٻن جوابدارن کي رڳو 10 منٽن اندر گرفتار ڪري ورتو.

دبئي پوليس موجب ڦر جي اطلاع ملندي ئي ڊيره واري علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي فضائي نگراني پڻ شروع ڪئي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نقاب پاتل جوابدارن ڪرنسي ايڪسچينج جي عملي تي تشدد ڪري کين ٻڌي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ملازم موبائل فون ذريعي پوليس کي اطلاع ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

الرٽ ملندي ئي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي هيلي ڪاپٽر جي مدد سان فرار ٿيندڙ ٻنهي جوابدارن جو پتو لڳايو ۽ کين گرفتار ڪري ڦر ڪيل هڪ ڪروڙ درهم به هٿ ڪري ورتا.

دبئي پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جو تعلق هڪ آفريقي ملڪ سان آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment