سلمان خان سان ڪهڙا لاڳاپا آهن؟ اداڪاره شهناز گِل خاموشي ٽوڙي ڇڏي

1 Min Read

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارا شهناز گل، بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان سان پنهنجي لاڳاپن ۽ سندس حمايت بابت کلي ڳالهائي آهي.

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ 32 ورهين جي اداڪارا چيو ته “بگ باس 13” دوران سلمان خان منهنجي حمايت ضرور ڪئي، پر هو هميشه سچ جو ساٿ ڏيندا هئا.

شهناز گل چيو ته کيس شروع ۾ لڳندو هو ته شايد هوءَ سلمان خان جي پسنديده مقابلو ڪندڙ آهي، پر حقيقت ۾ ائين نه هو. سندس چوڻ هو ته سلمان خان هر معاملي ۾ سندس حمايت نه ڪندا هو،پر  ضرورت پوڻ تي کيس تنبيهه به ڪندا هئا.

اداڪارا سلمان خان جي شخصيت جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو ڀرپاسي ۾ موجود هر ماڻهو جو هڪجهڙو خيال رکندا آهي. سندس چوڻ هو ته سلمان خان سڀني سان محبت سان پيش ايندا آهن، بهترين ميزبان آهن ۽ هر ڪنهن کي برابر اهميت ڏيندو آهي.

واضح رهي ته بگ باس 13 دوران سلمان خان ۽ شهناز گل جي خوشگوار ۽ دوستانه لاڳاپن مداحن جي وڏي توجهه حاصل ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي بابت خبرون ۽ بحث اڪثر ميڊيا جو حصو بڻجندا رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment