گمبٽ (رپورٽ: ممتاز ميمڻ) راڻيپور جي بودله محلي جو رهواسي 12 ورهين جو نينگر علي خان جتوئي مبينا طور والد پاران موبائيل فون نه ڏيڻ تي گهر ۾ پيل پارو پي ڇڏيو. نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو.
فوتي نينگر جي سڃاڻپ علي خان جتوئي ولد غلام مصطفيٰ جتوئي طور ٿي آهي.
والد غلام مصطفيٰ جتوئي ٻڌايو ته هن پٽ کي موبائيل فون گهٽ استعمال ڪرڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي هو ناراض ٿي ويو ۽ مبينا طور گهر ۾ پيل پارو پي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته کيس هرگز اندازو نه هو ته نينگر ڪاوڙ ۾ اچي ايترو وڏو قدم کڻي ڇڏيندو.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


