ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس، 3 گرفتار جوابدار 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

1 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڊفينس واري علائقي ۾ ڦر دوران ڊاڪٽر آڪاش جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن کي عدالت 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ زاهد علي جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي پوليس گرفتار جوابدارن سريش، رام چند ۽ انيل کي پيش ڪيو.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته 13 جولاءِ تي ڊاڪٽر آڪاش بئنڪ مان رقم ڪڍرائي واپس وڃي رهيو هو ته ٽن موٽرسائيڪل سوار جوابدارن کيس روڪي رقم ڦر ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو.

جاچ آفيسر موجب گرفتار جوابدارن خلاف شهر جي مختلف ٿاڻن تي اڳ به مختلف نوعيت جا ڪيس داخل آهن.

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ لاءِ درخواست داخل ڪئي پئي وڃي. عدالت هدايت ڪئي ته سڃاڻپ پريڊ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي.

عدالت جاچ آفيسر کي جوابدارن جا چهرا چيمبر ۾ ڏيکارڻ جي به هدايت ڪئي، جنهن تي عدالت چيو ته جوابدارن جا چهرا ڏٺا ويا آهن ته جيئن سڃاڻپ پريڊ دوران ڪنهن به مسئلي کان بچي سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment