ٽرمپ ايران جي دوري کان اڳ فيلڊ مارشل کي فون ڪري ايران کي ڳالهين تي آڻڻ جو چيو: رائيٽرز جي دعويٰ

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي پاڪستان جي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو.

رائٽرز ٽن پاڪستاني ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ٽرمپ طرفان ڪيل ان رابطي ۾ آمريڪا جي بنيادي درخواست اها هئي ته پاڪستان پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ايران کي ٻيهر آمريڪا سان ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.

رپورٽ موجب اها فون ڪال ٽرمپ پاڻ ڪئي هئي، جڏهن ته وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جي آفيس رائٽرز جي تبصري واري درخواست جو فوري طور ڪو جواب نه ڏنو. ٽرمپ ۽ عاصم منير وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي ٻين تفصيلن جي به سرڪاري طور تصديق ناهي ٿي.

رائٽرز موجب هي رابطو عاصم منير جي تهران دوري کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو. پاڪستان اڳ ئي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي رابطا بحال ڪرائڻ ۽ علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ وچولي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.

هوڏانهن فيلڊ مارشل عاصم منير اڄ تهران پهچي ويا آهن، جتي هن ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سان ملاقات پڻ ڪئي. پاڪستاني فوج موجب عاصم منير جو ايران جو دورو علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو حصو آهي.

رائٽرز موجب پاڪستاني ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ عاصم منير جي تهران دوري جو اهم مقصد ٿي سگهي ٿو.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي علائقائي امن لاءِ اهم قرار ڏنو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment