Focus with Zardari

ٺاروشاهه: عاقب عالماڻي جي مبينا قتل جو صدمو، چاچو دل جو دورو پوڻ سبب فوت

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) ٺاروشاهه ڀرسان قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگرد عاقب عالماڻي جي مبينا قتل جو صدمو برداشت نه ڪندي سندس چاچو محمد مراد عالماڻي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ عاقب عالماڻي کي مبينا طور پئسن ۽ موبائل فون جي ڏيتي ليتي تان سندس دوست اشفاق بروهي قتل ڪيو هو، جنهن بعد سندس لاش نوابشاهه-سڪرنڊ روڊ تي هڪ انبن جي باغ مان هٿ آيو هو.

واقعي کانپوءِ عالماڻي خاندان ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي، جڏهن ته وارثن پاران عاقب عالماڻي جي مبينا قتل ۾ ملوث جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment