ٽنڊوالهيار ( رپورٽ: خميسو دائوداڻي ) ٽنڊو الهيار جي ڳوٺ سومرو لغاري جي رهواسين مردن ۽ عورتن بااثر ماڻهن جي مبينا ڏاڍائين ۽ اسڪول جي پلاٽ سميت مسجد ڏانهن ويندڙ رستي تي قبضي خلاف ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاج ڪندڙن عدنان حيدر خاصخيلي، اڪبر لغاري، سليم لغاري، محمد شريف خاصخيلي، محمد اشرف لغاري، نويد علي لغاري، بشيران، ڪلثوم ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته ڳوٺ جي ڪجهه بااثر ماڻهن اسڪول جي پلاٽ ۽ مسجد آڏو چوپائي مال جو ڀاڻ ۽ گند ڪچرو اڇلائي مبينا طور قبضو ڪري ڇڏيو آهي.
هنن چيو ته مسجد ڏانهن ويندڙ رستو بند هجڻ سبب نمازين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته اسڪول جي پلاٽ تي گندگي سبب علائقي جا رهواسي به پريشان آهن.
مظاهرين موجب، هنن پوليس ۽ ڳوٺ جي چڱن مڙسن کي به شڪايتون ڪيون، پر سندن چوڻ موجب اڃا تائين ڪو اثرائتو قدم نه کنيو ويو. هنن وڌيڪ الزام هنيو ته کين جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن.
احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مبينا قبضا ختم ڪرائي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.


