سنڌ ڪابينا پاران بجيٽ منظور،ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو، پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽرين ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سنڌ جي بجيٽ 2026-27 جي باضابطا منظوري ڏني وئي. بجيٽ کي جامع ترقي، غربت ۾ گهٽتائي ۽ عوامي ڀلائي تي ٻڌل قرار ڏنو ويو آهي، ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت خاص قدم به منظور ڪيا ويا، جن ۾ مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ شامل آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي خدمت جاري رکندي ۽ نئين مالي سال ۾ وڌيڪ محنت سان ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي اڳتي وڌايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment