ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 2026-27ع جي صوبائي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.
وڏي وزير جي بجيٽ تقرير جي شروعات تي اپوزيشن ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پاران احتجاج ۽ شور شرابو ڪيو ويو. اپوزيشن ميمبرن موقف اختيار ڪيو ته کين به بجيٽ تي اظهارِ خيال جو موقعو ڏنو وڃي، جنهن سبب ايوان جو ماحول ڪجهه وقت لاءِ ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو.
اسپيڪر اويس قادر شاهه ايوان کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ميمبر تقرير ٻڌڻ نٿا چاهين ته واڪ آئوٽ ڪري سگهن ٿا، ٻي صورت ۾ پنهنجين سيٽن تي ويهي بجيٽ ڪارروائي جو حصو بڻجن. هن چيو ته اهي سيٽون عوام جي امانت آهن ۽ سڄي قوم ايوان جي ڪارروائي ڏسي رهي آهي، تنهن ڪري ميمبرن کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مسلسل يارهون بجيٽ پيش ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز سان گڏ وڏي ذميواري پڻ آهي. هن پنهنجي مرحوم والدين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن سيکاريل قدر اڄ به سندس رهنمائي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هارين، مزدورن، عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي سنڌ حڪومت جي ترقياتي ايجنڊا جو بنيادي حصو آهي ۽ سنڌ هميشه ذميوار وفاقي اڪائي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.
وڏي وزير چيو ته 260 ارب رپين جي قومي معاونت باوجود سنڌ پنهنجي آئيني حقن ۽ ترقياتي ترجيحن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. هن پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ضامن آهي. هن عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ حڪومت عوامي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.
مراد علي شاهه چيو ته مالي سال 2026-27ع جو بجيٽ آئيني حقن، مالي استحڪام، قومي يڪجهتي ۽ عوامي ڀلائي جي چئن بنيادي اصولن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت قومي ذميواري ۽ عوامي ترقي کي گڏ کڻي هلڻ جو مثال قائم ڪيو آهي ۽ صوبي ۾ سيڙپڪاري، صنعت، واپار ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن.
هن ڪراچي ۾ سنڌ انٽرنيشنل فنانشل سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهو ادارو اسلامي ۽ موسمياتي ماليات جو اهم مرڪز بڻجندو، جڏهن ته عالمي سيڙپڪاري جي واڌاري لاءِ سنڌ گرين ڊيٽا انفراسٽرڪچر انيشيئيٽو پڻ شروع ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سنڌ سيف سٽيز پروگرام تحت 1325 اسمارٽ ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن ۽ شهر جي معاشي مستقبل کي وڌيڪ روشن بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي.
وڏي وزير موجب ترقياتي پروگرام تحت 337 روڊن، 179 بلدياتي منصوبن ۽ 175 پاڻي ۽ نيڪال آب جي منصوبن سميت اسپتالن ۽ اسڪولن جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت 10 لک گهر مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لکين عورتن کي زمين جي مالڪي جا حق ڏئي بااختيار بڻايو ويو آهي.
بجيٽ انگ اکر پيش ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته لوڪل گورنمينٽ ۽ ميونسپل انفراسٽرڪچر لاءِ 121.6 ارب رپيا، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات لاءِ 39.5 ارب رپيا، تعليم جي شعبي لاءِ 25.9 ارب رپيا ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقياتي منصوبن لاءِ 6.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن اعلان ڪيو ته زرعي سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو مان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سماجي تحفظ جي پروگرامن ۾ ڪچن گارڊن، بينظير هاري ڪارڊ ۽ بينظير وومين ايگريڪلچر ورڪرز پروگرام شامل آهن.
هن چيو ته وفاق سان اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حصي جو تحفظ يقيني بڻايو ويو آهي ۽ صوبي ۾ ترقي ۽ عوامي ڀلائي جو سفر جاري رهندو. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڊهاڪ رليف الائونس 2022ع ۽ 2025ع کي بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيو ويندو. ساڳئي وقت گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40 هزار مان وڌائي 43 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، خاص معاونن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مالي سال 2025-26ع دوران رڪارڊ ترقياتي منصوبن تي وڏي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ويو. ڪابينا مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بابت وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ سماج جي هر طبقي جو خيال رکيو ويو آهي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ خاص قدم شامل ڪيا ويا آهن.
سنڌ جي ترقياتي بجيٽ جو مجموعي حجم 656 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 641 ارب رپيا ۽ ضلعي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هلندڙ مالي سال دوران 3 هزار 715 ترقياتي اسڪيمون بجيٽ ۾ شامل ڪيون ويون آهن. جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 350 ارب رپين کان وڌيڪ، غير منظور ٿيل منتقل ٿيل اسڪيمن لاءِ 34 ارب 58 ڪروڙ رپيا ۽ فارن پروجيڪٽ اسسٽنس تحت 256 ارب رپين کان وڌيڪ رقم شامل ڪئي وئي آهي. ڪچي وارن علائقن جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ هڪ ارب رپيو ۽ پٺتي پيل ضلعن جي خاص ترقياتي قدمن لاءِ 25 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.
تعليم ۽ صحت جي شعبن کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندي تعليم لاءِ 50.12 ارب رپيا ۽ صحت لاءِ 38.89 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي لاءِ 38.21 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جي منصوبن لاءِ پڻ اربين رپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن.
ٻين شعبن ۾ فنانس کاتي جي منصوبن لاءِ 9.22 ارب رپيا، گهرو کاتي لاءِ 6.30 ارب رپيا، توانائي شعبي لاءِ 5.18 ارب رپيا، زراعت، سپلاءِ ۽ پرائيسز شعبي لاءِ 4.90 ارب رپيا، ثقافت، سياحت ۽ آثار قديمه لاءِ 2.78 ارب رپيا، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت لاءِ 2.39 ارب رپيا، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي منصوبن لاءِ 54.1 ڪروڙ رپيا ۽ خوراڪ کاتي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 10.1 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
زراعت جي شعبي لاءِ مجموعي طور 4.9 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ زرعي توسيع، زرعي مارڪيٽنگ، زرعي مشينيڪاري، زرعي تحقيق ۽ واٽر مينيجمينٽ جا مختلف منصوبا شامل آهن. مجموعي طور زراعت جي شعبي ۾ 31 ترقياتي اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن.
ڪراچي جي ميگا منصوبن لاءِ 14 ارب 11 ڪروڙ 63 لک رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. شهر جي 25 جاري ميگا ترقياتي منصوبن، 17 غير منظور ٿيل جاري منصوبن ۽ 8 ڪيري فارورڊ منصوبن لاءِ به اربين رپين جا فنڊ رکيا ويا آهن. حڪومت موجب مالي سال 2026-27ع دوران ڪراچي جي انفراسٽرڪچر ۽ شهري سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترقياتي ڪم تيز ڪيا ويندا.


