ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته ڪڻڪ درآمد ڪرڻ سان مقامي آبادگارن کي نقصان پهچندو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب حڪومت بين الصوبائي ڪڻڪ جي منتقلي محدود ڪري رهي آهي، پنجاب وٽ 70 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ واڌو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ اٽڪل 10 لک ميٽرڪ ٽن کوٽ آهي.
مخدوم محبوب الزمان چيو ته سنڌ حڪومت پاسڪو کان ڪڻڪ خريد ڪري پنهنجي ضرورت جو هدف پورو ڪرڻ وڃي رهي آهي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اٽي جي قيمت 130 کان 140 رپيا في ڪلو تائين آهي.


