ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ضروري آهي: صدر زرداري

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار ۽ منصفاڻي امن جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ڳنڍيل آهي.

يومِ استحصالِ ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ صدر زرداري چيو ته ڀارتي قدم نه ته ڪشمير تڪرار جي قانوني حيثيت تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا.

هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام سان مضبوطي سان گڏ بيٺل آهي.

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارتي قدمن سبب رياستي جبر ۾ اضافو ٿيو ۽ بنيادي آزاديون محدود ڪيون ويون آهن.

وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، عالمي برادري رڳو ڳڻتي ظاهر ڪرڻ بدران مسئلي جي منصفاڻي ۽ مستقل حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري.

هن ڀارت تي زور ڏنو ته والاريل وادي ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪري ۽ آگسٽ 2019ع کان لاڳو ڪيل هڪ طرفا قدم واپس وٺي.

Share This Article
Leave a Comment