گمبٽ (ممتاز ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بينچ خوراڪ کاتي کي خانگي گودامن تي ڇاپا هڻڻ، ڪڻڪ ضبط ڪرڻ ۽ گودام سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
فلور ملز مالڪن ايڊووڪيٽ قربان ملانو ۽ ايڊووڪيٽ زبير چاچڙ معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هَڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو موقف اختيار ڪيو ته خوراڪ کاتي سیزن دوران ڪڻڪ خريد نه ڪئي، هاڻي خانگي ماڻهن طرفان خريد ڪيل ڪڻڪ ضبط ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته حڪومت جي دير سبب آبادگارن کي به نقصان پهتو.
عدالت خوراڪ کاتي کي خانگي گودامن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪيندي حڪم ڏنو ته نه خانگي ماڻهن جي ڪڻڪ ضبط ڪئي وڃي ۽ نه ئي سندن گودام سيل ڪيا وڃن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ وڌيڪ ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

