سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪهڙا فيصلا ٿيا؟ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ تفصيل ٻڌائي ڇڏيا

4 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي )  سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي صحت انشورنس پروگرام جي مدي ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ، پاڻي، موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) بابت خصوصي ٽاسڪ فورسز قائم ڪرڻ، گٽڪي ۽ مين پُڙي خلاف سخت قانونسازي ۽ سرڪاري ملازمن جي مختلف الائونسز ۾ واڌ سميت ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪابينا سرڪاري ملازمن جي صحت انشورنس پروگرام ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي معاملن، موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) بابت خصوصي ٽاسڪ فورسز قائم ڪيون وينديون، جن ۾ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري سندن سفارشن جي بنياد تي پاليسي فيصلا ڪيا ويندا.

هن چيو ته سنڌ ڪابينا منشيات سان گڏ گٽڪي ۽ مين پُڙي جي تياري، وڪري ۽ آمدرفت خلاف سخت قانونسازي جي منظوري ڏني آهي. ان مقصد لاءِ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا ۽ سڄي سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، جڏهن ته ملوث ماڻهن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون وينديون.

شرجيل انعام ميمڻ موجب سنڌ حڪومت پاسڪو کان 6 لک 65 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي، جڏهن ته وڌيڪ 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد پڻ ڪئي ويندي، جنهن سان ذخيره اندوزن جي حوصلا شڪني ٿيندي. هن پنجاب طرفان ڪڻڪ جي بين الصوبائي آمدرفت تي لاڳو پابندي جي مذمت پڻ ڪئي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا چين ۾ عالمي فورم ۾ شرڪت، ڪنري مرچ منڊي لاءِ 22 ايڪڙ زمين مختص ڪرڻ، ايف ڊبليو او ذريعي ڊملوٽي کان ڊي ايڇ اي واٽر لائين منصوبي جي تڪميل، ڊملوٽي پائيپ لائين منصوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت ۽ 400 ايڪڙن تي جديد ٽرڪ اسٽينڊ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي.

صوبائي وزير موجب وڏي وزير سنڌ جي هدايتن تي سرڪاري ملازمن لاءِ رليف پيڪيج پڻ منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ 2022ع جي منجمد بنيادي پگهار تي 2 سيڪڙو ڊفرينشل الائونس پهرين جولاءِ 2026ع کان لاڳو ٿيندو. ان سان گڏ سمورن صوبائي سرڪاري ملازمن جي ڪنوينس الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خصوصي ماڻهن لاءِ اسپيشل ڪنوينس الائونس 6 هزار مان وڌائي 10 هزار رپيا ماهوار ڪيو ويو آهي.

پريس ڪانفرنس دوران شرجيل انعام ميمڻ پنجاب ۾ برساتن سبب ٿيل تباهي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ميڊيا ان صورتحال کي مناسب نموني اجاگر نه ڪري رهي آهي. هن وفاقي حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) تي تنقيد ڪندي چونڊ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي، ڪشمير چونڊ مهم ۽ پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن بابت پڻ پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي اتحادي ناهي، پر رڳو پارليامينٽ جي قيام لاءِ حمايت ڪئي هئي. خواجه سعد رفيق جي بيان تي ردعمل ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو خلاف استعمال ڪيل ٻولي افسوسناڪ آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي قائدن جي خدمتن تي فخر ڪري ٿي.

Share This Article
Leave a Comment