سنڌ ۾ پارو 51 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي اڳڪٿي، هيٽ اسٽروڪ جو خطرو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب 12 جون تائين سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ شديد گرمي جي لهر جو امڪان آهي.
الرٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هوا ۾ هاءِ پريشر سسٽم سبب گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو، ۽ ڪجهه علائقن ۾ پارو 51 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
اپر ۽ سينٽرل سنڌ جهڙوڪ جيڪب آباد، دادو، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ گرمي پد 48 کان 51 ڊگري تائين وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
لوئر سنڌ ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، بدين ۽ عمرڪوٽ ۾ گرمي 44 کان 47 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.
ڪراچي ۾ به 8 کان 12 جون دوران سخت گرمي ۽ گهٽس جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جتي گرمي پد 40 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي سنڌ شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين سڌي اس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن، پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪن، هلڪا ڪپڙا پائين ۽ ٻارن ۽ بزرگن جو خاص خيال رکن، ڇو ته انهن ۾ هيٽ اسٽروڪ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

Share This Article
Leave a Comment