سکر بئراج مان ٻه اڻڄاتل لاش هٿ، هڪ اسپتال منتقل، ٻئي لاءِ ريسڪيو آپريشن

1 Min Read

سکر: (عبدالغفور شيخ) سکر بئراج جي گيٽ نمبر 41 ۽ 52 تان ٻه اڻڄاتل لاش هٿ آيا آهن.

اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪار، غوطه خور ۽ حد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ايڌي رضاڪارن غوطه خورن جي مدد سان گيٽ نمبر 52 مان هڪ لاش ڪڍي ايڌي ايمبولينس ذريعي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو.

پوليس موجب گيٽ نمبر 41 تي به لاش ڪڍڻ لاءِ بچاءُ آپريشن جاري آهي، جنهن کي جلد ريسڪيو ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويندو. لاشن جي سڃاڻپ بابت اڃا تائين ڄاڻ سامهون ناهي اچي سگهي.

Share This Article
Leave a Comment