اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال 27-2026ع جي پهرين مهيني ۾ پاڪستان جو واپاري خسارو 25 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌي 3 ارب 94 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو آهي.
ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب گذريل سال جولاءِ ۾ واپاري خسارو 3 ارب 15 ڪروڙ ڊالر هو، جيڪو هن سال ساڳئي مهيني ۾ وڌي 3 ارب 94 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو.
رپورٽ مطابق جولاءِ ۾ ملڪ جي برآمد 9.4 سيڪڙو واڌ سان 2 ارب 93 ڪروڙ ڊالرن تائين پهتي، پر درآمدن ۾ 18 سيڪڙو وڌي وئي ۽ درآمدي بل 6 ارب 88 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو، جنهن سبب مجموعي واپاري خسارو وڌي ويو.
ماهوار بنياد تي جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ دوران برآمد ۾ بهتري آئي ۽ واپاري خساري ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، پر ماهرن موجب درآمدن ۾ تيز واڌ اڃا به معيشت لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن درآمدن ۾ واڌ جو رجحان جاري رهيو ته ان جو اثر پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ رپئي جي قدر تي پئجي سگهي ٿو.


