سکر ۾ پوليس موبائيل خراب، عوام ۽ اهلڪارن ڌڪا ڏئي گاڏي اسٽارٽ ڪرائي

1 Min Read

سکر ( رپورٽ: غفور شيخ  ) عوام جي حفاظت ڪندڙ پوليس پاڻ ئي عوام کان مدد وٺڻ تي مجبور ٿي وئي، سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موبائيل خراب ٿيڻ بعد شهرين ۽ پوليس اهلڪارن گڏجي گاڏي کي ڌڪا ڏئي اسٽارٽ ڪرايو.

وائرل ٿيل فوٽيجز ۾ واضح ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس موبائيل کي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ شهري ۽ اهلڪار گڏجي زور لڳائي رهيا آهن. واقعي بعد پوليس موبائيلن جي مناسب سار سنڀال ۽ مرمت جي نظام تي سوال اٿڻ لڳا آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته پوليس گاڏين جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ بجيٽ مختص ڪئي ويندي آهي، پر ان باوجود گاڏين جي حالت خراب نظر اچي رهي آهي.

هن صورتحال تي پوليس اختيارين طرفان ڪو به باضابطه موقف سامهون نه آيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment