Focus with Zardari

شڪارپور: ڳوٺ رپ ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

1 Min Read

شڪارپور (رپورٽر) ڳوٺ رڏ ۾ مبينا جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ هزارو جتوئي ۽ مرتضيٰ مهر شامل آهن.

ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو جتوئي ۽ مهر برادرين وچ ۾ تڪرار جو نتيجو ناهي، مارجي ويل ٻئي ڄڻا مبينا طور گڏجي ڏوهه ڪندا هئا.

ايس ايس پي موجب ٻنهي ڄڻن وچ ۾ موٽرسائيڪل ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو، جيڪو بعد ۾ فائرنگ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ٻنهي ڄڻن کي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا.

محمد ڪليم ملڪ چيو ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ جتوئي ۽ مهر برادري جي تڪرار طور نه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته معاملو ذاتي ڏيتي ليتي تان پيش آيل جهيڙي جو آهي.

- Advertisement -

ايس ايس پي شڪارپور موجب مارجي ويل ٻنهي ڄڻن خلاف 12 کان وڌيڪ مختلف ڏوهن جا ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment