صوابي ( ويب ڊيسڪ ) صوابي جي علائقي گدون ليرن ۾ مبينا طور ڀاڻيجي جي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ تي اعتراض تان ڀاءُ فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.
پوليس موجب جوابدار گهر ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻيون واقعي واري هنڌ ئي فوت ٿي ويون.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي پنهنجي ڀاڻيجي پاران ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ تي اعتراض هو.
ٻنهي مقتولن جا لاش تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.


