شڪارپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت فائرنگ ڪري قتل

1 Min Read

شڪارپور: (عتيق ڌڪڙ) شڪارپور ۾ دلاور مارفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رضا محمد عيساڻي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ 32 ورهين جي رحيمان کي سندس مڙس شادي خان عيساڻي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي ڳڙهي ياسين اسپتال منتقل ڪيو.

پوسٽ مارٽم بعد مقتولا جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment