ميهڙ، ٽيڻي قتل ڪيس جي مشير رياض چانڊيو جي قتل جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم

2 Min Read

دادو: (رپورٽ: اي بي خشڪ) ميهڙ تعلقي ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي مشير رياض چانڊيو جي قتل جي جاچ تيز ڪندي پوليس 3 رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي.

ڪميٽي جي سربراهي ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي ڪندو، جڏهن ته ايس پي، سي ٽي ڊي سلطان چانڊيو ۽ ڊي ايس پي سراج لاشاري ميمبر هوندا.

پوليس موجب 43 ڏينهن اڳ فريد آباد ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رياض چانڊيو مارجي ويو هو. ڪيس ۾ 10 ڄاتل ۽ 2 اڻڄاتل جوابدار نامزد آهن، جڏهن ته 4 جوابدار گرفتار پڻ ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن ام رباب چانڊيو ڪميٽي ۾ ايس پي سي ٽي ڊي سلطان چانڊيو جي شموليت تي اعتراض ڪندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ان سان جاچ جي شفافيت متاثر ٿي سگهي ٿي. ام رباب الزام هنيو ته سلطان چانڊيو سردار ڀائرن جو ويجهو ساٿي رهيو آهي.

ياد رهي ته 2018ع ۾ ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ 8 جوابدارن کي دادو جي مقامي عدالت بيگناهي جي بنياد تي آزاد ڪيو هو، جنهن فيصلي کي ام رباب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

هاڻي رياض چانڊيو جي قتل واري معاملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي کي 15 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻي آهي.

Share This Article
Leave a Comment