شڪارپور (رپورٽر) فوجداري ٿاڻي جي حد جيم خانہ ڀرسان 16 سالن جي شاگرد محمد عمر لاشاري جو لاش اسپتال مان هٿ آيو آهي.
ڊاڪٽر موجب نينگر کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جتي سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.
وارثن موجب محمد عمر ڪجهه ڪلاڪ اڳ گهران نڪتو هو.
وارثن نينگر جي موت تي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آهي.


