مٽياري: سينٽرل جيل جي قيدي غمشاد کوسي جو خط سامهون اچي ويو، انصاف جي اپيل

1 Min Read

مٽياري (رپورٽ: عادل علي خشڪ) حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد مٽياري واسي غمشاد کوسي جو جيل مان لکيل خط سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪيس ۽ جيل ۾ پيش ايندڙ معاملن بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن.

خط ۾ غمشاد کوسي الزام لڳايو آهي ته مٽياري ۽ هالا واسي قيدين تي جيل جي پراڻن قيدين پاران مبينا تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ کين سالن تائين عدالتن ۾ پيش نه ڪيو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته هو صوبائي وزير جي ڪمدار جي قتل ڪيس ۾ قيد آهي ۽ پنهنجي ڪيس ۾ انصاف جو مطالبو ڪري ٿو.

قيدي اعليٰ اختيارين کان سندس ڪيس جو شفاف جائزو وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن خط ۾ پنهنجي خاندان ۽ ذاتي مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.

قيدي پاران ڪيل دعوائن جي آزاد ذريعن ۽ لاڳاپيل اختيارين کان تصديق ڪرائڻ ۽ معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment