سکر ( رپورٽ: عبدالغفور شيخ ) سکر جي ٿاڻي آباد ٿاڻي جي حد ۾ دڪان ۾ ڦرلٽ دوران پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار اڪرم چاچڙ شهيد ٿي ويو.
شروعاتي ڄاڻ موجب ڏوهاري دڪان ۾ ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته پوليس ٽيم اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهتي، جتي هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ اهلڪار اڪرم چاچڙ کي گوليون لڳيون ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب شهيد اهلڪار کي ٽي گوليون لڳيون. واقعي کانپوءِ پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪري علائقي کي گهيري ۾ ورتو ويو، جڏهن ته فرار ٿيل هٿياربندن جو پيڇو جاري آهي.
يس ايس پي سکر احمد چوڌري، اي ايس پي سٽي ۽ ڊي ايس پي سائيٽ سميت پوليس جا اعليٰ آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. پوليس موجب هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.
هوڏانهن آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.


