ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) ڪراچي جي صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ مبينا طور ساڍا 8 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار عدالت ۾ ضمانت واري درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي.
عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن اختيارين ريمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد ضمير عباسي کي پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران جج امين الله صديقي جاچ آفيسر کان ڪيس جي اڳڀرائي بابت پڇاڻو ڪيو. اينٽي ڪرپشن اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کان 128 سوال پڇيا ويا آهن.
عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڇا لاڳاپيل دستاويزن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ ڇا منصوبي جي ڪنسلٽنٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي؟ اينٽي ڪرپشن اختيارين ٻڌايو ته اڃا تائين ڪنسلٽنٽ سان ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي آهي.
ٻڌڻي دوران عدالت سوال اٿاريو ته ساڍا 8 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن واري معاملي ۾ بئنڪ گارنٽي کانسواءِ اڳواٽ ادائيگي ڪيئن ڪئي وئي؟ عدالت جاچ آفيسر کي مخاطب ٿيندي چيو ته سندس جوابن ۽ انداز مان اطمينان ظاهر نٿو ٿئي.
جوابدار ضمير عباسي عدالت کي ٻڌايو ته جاچ دوران پڇيل سوال ڪيس سان لاڳاپيل نه هئا. هن دعويٰ ڪئي ته ييلو لائين منصوبو جاري آهي ۽ ان ۾ هڪ رپئي جي به ڪرپشن يا سرڪاري نقصان نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته ورلڊ بئنڪ ڪڏهن به ڪرپشن بابت ڪا شڪايت ناهي ڪئي.
ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ ٽيم جي ميمبر موقف اختيار ڪيو ته بئنڪ گارنٽي کانسواءِ غير محفوظ ادائيگي ڪئي وئي هئي. اينٽي ڪرپشن اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪوشش آهي ته 90 ڏينهن جي قانوني مدي کان اڳ جاچ مڪمل ڪئي وڃي.
عدالت ٻڌڻي کان پوءِ جوابدار ضمير عباسي کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي ضمير عباسي پنهنجي ضمانت لاءِ درخواست پڻ داخل ڪرائي، جنهن جي ڪاپي سرڪاري وڪيل کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالت اينٽي ڪرپشن اختيارين کان 11 جولاءِ تائين جاچ جي اڳڀرائي بابت رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي.


