تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۽ آخري رسمن ۾ عرب ۽ عالمي اڳواڻن سميت مختلف ملڪن جي اعليٰ سرڪاري وفدن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي عالمي شخصيتن ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادو محمد بن سلمان، ايران جي صدر مسعود پزشڪيان ڏانهن تعزيتي پيغام موڪلي آيت الله علي خامنه اي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.
ايراني ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريش ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان رابطو ڪري اڳوڻي سپريم ليڊر جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
آخري رسمن ۾ مصر، سعودي عرب، لبنان، پاڪستان، عراق، جارجيا، تاجڪستان، ترڪيه، عمان، قطر ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ سطحي سرڪاري وفد پڻ شريڪ ٿيا.
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف به سرڪاري جنازي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن سان گڏ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هو.
ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز، لبنان جي بچاءَ واري وزير ميشل منصور، افغانستان جي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ روس جي اڳوڻي صدر دمتري ميدويديف، جيڪو روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي نمائندگي ڪري رهيو هو، پڻ جنازي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
سلطنت عمان جو سرڪاري وفد رياستي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالملڪ بن عبدالله الخليلي جي اڳواڻي ۾ تقريب ۾ پهتو، جڏهن ته قطر جي وفد جي اڳواڻي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين حسن بن عبدالله الغنيم ڪئي.
لبناني تنظيم حزب الله جو هڪ اعليٰ سطحي وفد به جنازي ۾ موجود هو، جنهن جي اڳواڻي جماعت جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي لبناني وزير محمود قماطي ڪري رهيو هو.
آيت الله علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ وڏي انگ ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن جي شرڪت ايران سان سفارتي همدردي ۽ تعزيت جي اظهار طور ڏٺي پئي وڃي.


