ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدليه ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني خلاف اهم قدم کڻندي سينيئر سول جج اياز علي ڪناسرو کي جبري رٽائرمينٽ جي سزا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
ميمبر انسپيڪشن ٽيم موجب، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر راجپوت انڪوائري رپورٽ، حتمي ٻڌڻي ۽ سمورن حقيقتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سينيئر سول جج اياز علي ڪناسرو کي جبري رٽائرمينٽ جي سزا ٻڌائي.
ميمبر انسپيڪشن ٽيم جو چوڻ آهي ته سينيئر سول جج خلاف ڪرپشن ۽ بدعنواني جا الزام انڪوائري دوران ثابت ٿيا، جڏهن ته ڪيس جي تفصيلي جاچ انڪوائري آفيسر جسٽس شمس الدين عباسي ڪئي.
رپورٽ موجب، مجاز اٿارٽي انڪوائري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جج کي ملازمت مان برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، پر چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ جبري رٽائرمينٽ جي سزا مقرر ڪئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جاري ڪيل حڪم فوري طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي.


