محسن نقوي 30 سالن جو سفر 3 سالن ۾ طئي ڪيو، هاڻي خبر پئي اٿس تھ سسٽم خراب آهي: راڻا ثناءُ الله

2 Min Read

هٽيان بالا ( ويب ڊيسڪ ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار رانا ثناءُالله وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن سسٽم ۾ اوهان 30 سالن جو سفر رڳو ساڍن ٽن سالن ۾ طئي ڪيو، هاڻي اچي خبر پئي آهي ته سسٽم مڪمل طور خراب آهي ۽ هلي نٿو   سگهي.

آزاد ڪشمير جي علائقي هٽيان بالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته صدر آصف علي زرداري جي هڪ صاحبزادي طرفان چيو پيو وڃي ته موجوده سسٽم هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ اڳتي هلي نٿو سگهي.

هن چيو ته، اوهان هن ئي سسٽم ۾ تيزي سان ترقي ڪئي، پر هاڻي اچي چئو ٿا ته سسٽم خراب آهي ۽ ان کي هلائي نٿو سگهجي. پاڪستان جو پارلياماني جمهوري نظام قائداعظم محمد علي جناح جي سياسي جدوجهد جو نتيجو آهي، تنهن ڪري ان جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو وزيراعظم کي فارم 47 وارو وزيراعظم قرار ڏئي ٿو ته پوءِ اهو به ٻڌائي ته صدر جا ووٽ ڪهڙي فارم تحت آيا هئا. هن چيو ته سياسي اختلافن باوجود جمهوري نظام بابت ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو هو ته ملڪ جي ترقي لاءِ نوان انتظامي يونٽ يا صوبا قائم ڪرڻ ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته موجوده انتظامي نظام ناڪام ٿي چڪو آهي.

Share This Article
Leave a Comment