Focus with Zardari

غزا ۾ جنگبندي باوجود اسرائيلي حملا جاري، وڌيڪ 4 فلسطيني شهيد، 9 زخمي

1 Min Read

غزا (ويب نيوز) غزا پٽي ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي فوج جي گذريل 24  ڪلاڪن دوران حملن ۾ وڌيڪ 4  فلسطيني شهيد ۽ 9  زخمي ٿي پيا آهن.

عرب ميڊيا موجب، خان يونس ۾ اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ پڻ 2  ڄڻا شهيد ٿيا آهن.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب، آڪٽوبر 2025ع ۾ جنگبندي کانپوءِ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار 505  فلسطيني شهيد ۽ 5  هزار 332  زخمي ٿي چڪا آهن.

وزارت جي انگن اکرن موجب، غزا ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين شهيد ٿيل فلسطيني شهرين جو مجموعي انگ 74  هزار 396  ٿي ويو آهي.

- Advertisement -

هوڏانهن گڏيل قومن غزا ۾ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق چيو آهي ته اربع ڏينهن اسرائيلي فائرنگ سبب امدادي تنصيبات پڻ متاثر ٿيون.

Share This Article
Leave a Comment