Focus with Zardari

ٽرمپ جو ايران خلاف جوهري هٿيار استعمال نه ڪرڻ جو اعلان

1 Min Read

واشنگٽن(ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جوهري هٿيار استعمال نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي ايران ۾ آمريڪي زميني فوج موڪلڻ جو امڪان به رد ڪري ڇڏيو آهي.

نيوز ميڪس کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ايران خلاف جوهري هٿيار استعمال نه ڪندا ۽ نه ئي ايران ۾ آمريڪي فوجي دستا مقرر ڪرڻ جو ڪو ارادو رکن ٿا.

آمريڪي صدر موجب، آمريڪا جوهري هٿيارن جي خاتمي واري معاملي تي روس ۽ چين سان پڻ ڳالهين ۾ مصروف آهي.

Share This Article
Leave a Comment