Focus with Zardari

قائد عوام يونيورسٽي کان اروڙ يونيورسٽي جا 8 ڪروڙ 40 لک رپيا واپس ڪرائڻ جو حڪم

3 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: ويب ڊيسڪ ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) قائد عوام يونيورسٽي کي اروڙ يونيورسٽي جا سيڪيورٽي ڊپازٽ فنڊز جا 8 ڪروڙ 40 لک رپيا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رقم منتقل نه ٿيڻ جي صورت ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي قائد عوام يونيورسٽي جي فنڊنگ مان اها رقم سڌيءَ ريت ڪٽوتي ڪري اروڙ يونيورسٽي کي منتقل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

تفصيل موجب سنڌ ڪاليج آف آرٽ اينڊ ڊزائن سکر کي 2020ع ۾ اروڙ يونيورسٽي جو درجو ملڻ کان پوءِ به قائد عوام يونيورسٽي پاران سيڪيورٽي ڊپازٽ جا 84 ملين رپيا ۽ هڪ گاڏي اروڙ يونيورسٽي حوالي نه ڪرڻ جو معاملو پي اي سي جي اجلاس ۾ سامهون آيو.

پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کوڙي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي ميمبر قاسم سراج سومرو، اروڙ يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اروڙ يونيورسٽي جي مالي سال 2021ع کان 2023ع تائين جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو.

آڊٽ موجب اروڙ يونيورسٽي آڪٽوبر 2022ع ۾ مڪمل يونيورسٽي طور ڪم شروع ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ ادارو قائد عوام يونيورسٽي جي ماتحت ڪاليج طور ڪم ڪندو هو. يونيورسٽي جي انتظاميا جو موقف هو ته 8 ڪروڙ 40 لک رپين کان وڌيڪ سيڪيورٽي فنڊز ۽ هڪ گاڏي اڃا تائين منتقل نه ڪيا ويا آهن.

- Advertisement -

اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پي اي سي کي ٻڌايو ته 2025ع ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ڪميٽي قائد عوام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي رقم منتقل ڪرڻ بابت هدايتون جاري ڪيون هيون، پر ان باوجود رقم اروڙ يونيورسٽي کي منتقل نه ٿي سگهي آهي.

پي اي سي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي هدايت ڪئي ته قائد عوام يونيورسٽي کان رقم واپس ڪرائي اروڙ يونيورسٽي کي منتقل ڪئي وڃي. ڪميٽي واضح ڪيو ته جيڪڏهن رقم منتقل نه ڪئي وئي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن قائد عوام يونيورسٽي جي فنڊنگ مان رقم ڪٽي اروڙ يونيورسٽي کي ادا ڪري.

Share This Article
Leave a Comment