دوحا (ويب ڊيسڪ): قطر ايران کي 6 ارب ڊالرز منتقل ٿيڻ بابت هلندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري موجب اها رقم اصل ۾ ايران جي ڏکڻ ڪوريا ۾ منجمد تيل جي آمدني آهي، جيڪا 2023 ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽي واري معاهدي تحت قطر منتقل ڪئي وئي هئي.
ترجمان واضح ڪيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ 5-5 قيدين جي تبادلي کانپوءِ اها رقم ڏکڻ ڪوريا کان قطر منتقل ٿي، پر آمريڪي شهري آزاد ٿيڻ باوجود اها رقم اڃا تائين ايران جي حوالي نه ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته هي فنڊ قطر جي بينڪن ۾ موجود آهن ۽ انهن تي آمريڪي پابنديون لاڳو آهن، تنهن ڪري ايران کي هن رقم تائين سڌي رسائي حاصل ناهي.
قطري پرڏيهي وزارت موجب ايران کي 6 ارب ڊالر جي سڌي منتقلي بابت دعوائون غلط آهن، ڇو ته اهي فنڊ اڃا تائين منجمد حيثيت ۾ آهن ۽ انهن جي استعمال يا منتقلي تي آمريڪي نگراني برقرار آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته اهي اثاثا قطر جي ملڪيت ناهن، بلڪه ايران جا ئي آهن، پر انهن جي استعمال بابت في الحال ڪا حتمي منتقلي عمل ۾ نه آئي آهي.


