Focus with Zardari

ويسٽ انڊيز کي شڪست، آسٽريليا وومينز ٽيم اٺون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي

1 Min Read

اوول ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ آسٽريليا وومينز ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

ويسٽ انڊيز وومينز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهيون. ٽيم جي طرفان ڪپتان هيلي ميٿويز 30 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي.

آسٽريليا طرفان بالنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي صوفِي مولينيڪس، اشيلي گارڊنر ۽ جارجيا ورهام 2-2 وڪيٽس حاصل ڪيون.

جواب ۾ آسٽريليا وومينز 126 رنسن جو هدف 13هين اوور ۾ صرف 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. شاندار بيٽنگ ڪندي بيٿ موني 61 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، جڏهن ته اشيلي گارڊنر 35 رنسون ٺاهي ناقابلِ شڪست رهي.

- Advertisement -

ٻيو سيمي فائنل انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ جمعرات تي کيڏيو ويندو. فائنل ۾ ڪير پهچندو، ان جو فيصلو ان ميچ کانپوءِ ٿيندو.

واضح رهي ته ايونٽ جا ميچز پاڪستان ۾ جيو سوپر ۽ مائڪيو ايپ تي لائيو نشر ڪيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment